انجنيئر عبدالوهاب سهتو

انجنيئر عبدالوهاب سهتو

انجنيئرعبدالوهاب سهتو

انجينئر عبدالوهاب سهتو: مشھور ليکڪ انجينئر عبدالوهاب سھتي 5 مئي 1959ع تي ڳوٺ ڄام نور الله، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. سندس تعليم B.E (سِول، 1984ع) ۽ ايم. اي (سنڌي: 1993ع) آهي. پيشي جي لحاظ کان پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ انجينئر رهيو ۽ 2019ع ۾ سپرنٽنڊنگ انجينئر (BPS-19) طور رٽائرڊ ٿيو.. هن لکڻ جي شروعات 1978ع کان ڪئي. سندس لکڻيون ’آفتاب‘ اخبار، ماهوار ’ڪينجهر‘، ماهوار ’چڻنگ‘، ماهوار ’السنڌ‘، ماهوار ’سوجهرو‘، ماهوار ’نئون نياپو‘ ۽ ماهوار ’همسري‘ ۾ ڇپيل آهن. سنڌي پھاڪن ۽ چوڻين تي ڪافي تحقيق ڪئي اٿس، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’هراس‘ (ڪھاڻيون: 1989ع)، ’جڏهن بت ئي چوي ڪافر‘ (ڪھاڻيون: 1992ع)،’هٿ جي وڍي‘ (ڪھاڻيون: 1999ع)، ’ننڍڙي روپ واريون چوڻيون ۽ پھاڪا‘ (2000ع)، ’ورجيسون: پس منظر ۽ ڪارج‘ (2003ع)، ’موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون‘ (2004ع)، ’اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون‘ (2006ع)، ’لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون‘ (2015ع)، ’ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون‘ (2016ع)، ’طبي پھاڪا ۽ چوڻيون (2016ع)، ’ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون‘ (2017ع)، ’گهاگهر منجھه ساگر‘ (هندڪو پھاڪا ۽ چوڻيون: 2018ع)، ’نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون‘ (2019ع)، ’پھاڙي آخاڻ (پھاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون: 2020ع)، ’عبدالڪريم گدائي: روايت ۽ بغاوت جو شاعر‘ (ڪينجهر خاص نمبر، ترتيب: 2005ع)، ’گل شڪر‘ (نئين سِر لکيل: 2011ع)، ’تنقيدون ۽ تجزيا‘ (مرتب: 2013ع)، ’موهيو مون کي جن‘ (مرتب: 2015ع)، ’پھاڪا ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون‘ (ترتيب: 2015ع)، ’ڳوٺاڻو ڳڙ‘ (مرتب: 2015ع)، ’چونڊ سنڌي چوڻيون‘ (ترتيب: 2017ع)، ’پھاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون‘ (ترتيب: 2017ع)، ’پھاڪن جي پاٻوهه‘ (مرتب: 2018ع)، ’شاهه جي شاعريءَ جو پھاڪاتي پھلو‘ (ترتيب: 2018ع)، ’شاهه جي شاعريءَ ۾ اصطلاحي عنصر‘ (ترتيب: 2021ع)، ’سوکڙي ڳالهين جي‘ (مرتب: 2021ع) ۽ ’سک وندي (ڏيھي ۽ پرڏيھي ترجمو ڪيل ڪھاڻيون: 2023ع) شامل آهن. کيس سنڌي ساهت گهر طرفان ’ڪينجهر ادبي اوارڊ‘ (1997ع)، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر طرفان ’مڃتا اوارڊ‘ (2015ع)، ڌرتي ٽي وي پاران ’اوارڊ آف ايڪسيلينس‘، ثقافت کاتي پاران ’مڃتا اورڊ‘ (2019ع) ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سندس ڪتاب ’نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون‘ تي سال جي بھترين ڪتاب جو ادبي اوارڊ (2019ع) ڏنا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو